ٿرڙو

ٿرڙو

ٿرڙو 2

ٿرڙو (Mango Thrips ):هي نقصان پهچائيندڙ جيت جسماني لحاظ سان بنهه ننڍا ٿين ٿا. پن جي هيٺين سطح تي رهن ٿا. انب تي هن جيت جا ٻه قسم رائپو فيرو ٿرپس ڪريونٿيٽس (Rhipo Phero Thrips Cruentatus) ۽ ٿرپس ٽيبيڪاءِ (Thrips Tabaci) حملو ڪن ٿا. ٿرڙو انبن جي پنن، گلن ۽ ميوي (ننڍين وڏين انبڙين) جو مستقل مهمان بنجي ويو آهي. ٿرپس يا ٿرڙي جو پهريون قسم مارچ کان نومبر مهيني تائين پنهنجي سرگرمي جاري رکي ٿو، جڏهن ته ٿرڙي جو ٻيو قسم (T. Tabaci) سڄو سال سرگرم رهي ٿو. بالغ ۽ ٻچا (Adults and Nymphs) ٻئي پنن جو رس چوسي نقصان پهچائين ٿا ۽ گلن (ٻور) ۽ ميوي کي به نقصان پهچائين ٿا. ميوي تي ٿرپس جي حملي ۽ ان مان رس چوسجڻ جي ڪري پن يا ته ڪومائجي ڪري ويندا آهن يا زنگ آلود (Rusted) ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن جي ڪري ٻوٽن ۽ وڻن جي نشونما متاثر ٿئي ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو